پهلگام ۾ فالس فليگ آپريشن ڪيو ويو، اسان ملڪ جو دفاع ڪرڻ لاءِ تيار آهيون: اڳوڻان فوجي
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پاڪ فوج جي اڳوڻن ملازمن چيو آهي ته ڀارت پاڪستان کي ٽارگيٽ ڪرڻ جا بهانا ڳولي رهيو آهي، ايڪس سروس ملازمن پهلگام فالس فليگ آپريشن بابت پريس ڪانفرنس ڪئي.
ان موقعي تي ميجر جنرل (ر) جاويد اسلم ظاهر چيو ته پهلگام ۾ فالس فليگ آپريشن ڪيو ويو، اسان ملڪ جو دفاع ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.
هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن، اسان 20 لک رٽائرڊ فوجين جي نمائندگي ڪري رهيا آهيون.
جاولد اسلم طاهر چيو ته اسان متحد آهيون ۽ پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪيون ٿا، آرمي چيف جي هڪ آواز تي اسان لبيڪ چونداسين،
جاويد اسلم چيو ته پاڪستاني فوج هر وقت تيار آهي، ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث آهي.
اڳوڻي ايئر وائيس مارشل (ر) فهيم ارشد چيو ته پاڪ فوج جديد ٽيڪنالاجي سان ليس آهي، پاڪستان جي ايئرفورس تمام گھڻي مضبوط آهي.
فهيم ارشد چيو ته اسان دنيا جي هر جديد فوج سان جنگي مشقون ڪيون آهن، جڏهن به اسان جي ضرروت پئي، ته اسان بنا دير پهچي وينداسين.
ميجر جنرل (ر) خالد جعفري چيو ته سڄي دنيا ۾ بهترين آرمي پاڪستان جي آهي، اسان جا ماڻهو عالمي مقابلا به کٽيندا آهن.
خالد جعفري چيو ته ڀارت فالس فيلگ آپريشن هاڻ کان نه پر ڪافي عرصي کان ڪري پيو، اسان هن وقت ڪنهن به قسم جو ٽاسڪ پورو ڪري سگهون ٿا.
برگيڊيئر (ر) محمد زرين خان چيو ته ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي، گڏيل قومن جي ٺهراءُ موجود ڪشميرني کي حق ڏنا وڃن.
اڳوڻن فوجين جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان ۾ اڃا به جهاد جو جذبو موجود آهي، ملڪ جي خاصر هر وقت تيار بيٺا آهيون.