ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب، ڀارت جي برگيڊ هيڊڪوارٽر سميت 3 رافيل جهاز، هڪ سخوئي ۽ هڪ مگ جهاز تباهه ڪيو ويو
راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) ڀارت جا رات جي اونداهيءَ ۾ پاڪستان تي ميزائل حملا، ڇهن مختلف هنڌن تي 24 حملا ميزائل فائر ڪيا ويا.
ڀارتي ميزائل حملن ۾ 26 شهري شهيد ٿي ويا، 46 ڄڻا زخمي ٿي پيا ۽ 2 ماڻهو گم ٿي ويا آهن.
پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته ڀارت بهاولپور، ڪوٽلي، مظفرآباد، احمدپور شرقيا ۽ مريدڪي تي ميزائل حملا ڪيا.
ڀارتي حملن ۾ ٽن ورهين جي معصوم ٻارڙي ۽ عورت سميت 13 معصوم شهري شهيد ٿي ويا.
ڀارت پاڪستان تي بزدلاڻو حملو و ڪرايو جنهن دوران ملڪ جي مختلف مسجدن ۽ عبادتگاهن کي نشانو بڻايو ويو.
پاڪستان پاران اثرائتي ڪارروائي ۾ ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو، جنهن دوران ڀارت جا برگيڊ هيڊڪوارٽر سميت 3 رافيل جهاز، هڪ سخوئي ۽ هڪ مگ جهاز شامل آهن.
هن وقت تائين ٻنهي ملڪن طرفان هڪ ٻئي جي سرحدي پوسٽن تي حملا جاري آهن، پاڪستان بٽل سيڪٽر ۾ ڀارت جون پوسٽون تباهه ڪيون.