پاڪستان جي مستقل نمائندي سلامتي ڪائونسل کي ڀارتي اڳرائي کان آگاهه ڪيو آهي: پرڏيهي ترجمان
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پاڪستان ڀارتي فوج جي بزدلاڻي حملي بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي آگاهه ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي مستقل نمائندي سلامتي ڪائونسل کي ڀارتي اڳرائي کان آگاهه ڪيو آهي.
ڀارتي فوج پاڪستان جي شهري علائقن تي حملا ڪيا ۽ معصوم شهري کي نشانو بڻايو، ڀارت معصوم شهرين ۽ عبادتگاهن کي نشانو بڻايو.