قومي سلامتي جي اجلاس ۾ ملڪي جي مجموعي سڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو، وزيراعظم شهباز شريف اجلاس جي صدارت ڪندو.
وزيراعظم پاران سڏايل قومي سلامتي جي اجلاس ۾ ملڪي جي مجموعي سڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دشمن کي سندس مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، قوم ۽ پاڪ فوج دشمن سان نبرڻ ڄاڻي ٿي.
وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڀارت طرفان مڙهيل جنگ جو ڀرپور جواب ڏيڻ جو حق رکي ٿو.