پاڪستان اهڙي اڳرائيءَ جو پنهنجي مرضيءَ جي وقت، هنڌ ۽ ذريعن کي نظر ۾ رکندي جواب ڏيندو: بريفنگ
راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته رات جي اونداهي ۾ ڀارت جي پاڪستان جي ڇهن مختلف هنڌن تي 24 حملا ڪيا جنهن ۾ 26 شهري شهيد، 46 زخمي ٿي پيا.
ڀارت نيلم جهلم هائيڊرو پاور منصوبي ۾ نيوسيري ڊيم جي اسٽرڪچر کي نشانو بڻائي ان کي نقصان پهچايو آهي، پاڪستان اهڙي اڳرائيءَ جو جواب ڏيڻ جو حق رکي ٿو ۽ پنهنجي مرضيءَ جي وقت، هنڌ ۽ ذريعن کي نظر ۾ رکندي جواب ڏيندو.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ڀارت بهاولپور، ڪوٽلي، مظفرآباد، احمدپور شرقيا ۽ مريدڪي تي ميزائل حملا ڪيا.
هن چيو ته ڀارت مسجدن ۽ عبادتگاهن کي نشانو بڻايو ، رات کان وٺي لاڳيتو ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي جيڪا هن وقت تائين هلندڙ آهي.
ليفٽينينٽ جنرل احمد شريف وڌيڪ چيو ته ڀارت ايل او سي تي آرٽلري جي شيلنگ ڪري رهيو آهي، پاڪ فضائيه جا سمورا جهاز مڪمل محفوظ آهن.