ڦلجي اسٽيشن مان نينگر جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ، مانجھند ۾ رٽائرد اهلڪار جو لاش مليو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن مان نينگر ۽ پوليس اهلڪار سميت ٽن ڄڻن جا لاش هٿ.
ڦلجي اسٽيشن ڀرسان ڪچي جي علائقي گھيلپور بچاءَ بند وٽ نينگر جو واٽرڪورس مان ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيو.
نينگر جي حسنين ميڻو جي نالي سان سڃاڻپ، وارثن موجب نينگر ڪالهه شام کان گهران نڪرڻ بعد گم ٿي ويو هو.
مانجھند ڀرسان اوور ھيڊ برج وٽ رٽائرڊ پوليس اھلڪار جو پراسرار نموني لاش ھٿ آيو، فوتي جي ڪڪڙ واسي عمر ٻگھيو طور سڃاڻپ.
پوليس موجب رٽائرڊ اهلڪار جي جسم تي ظاهري طور تشدد ڪو ڪوبه نشان نه آهي.
هوڏانهن ورڪشاپ ويجھو نارا ڪينال ۾ ٽي ڏينهن اڳ ٻڏي فوت ٿيل ڌنار الهجڙيو شر جو لاش هٿ آيو، جيڪو اسپتال منتقل ڪيو ويو.
