پاڪستان ڀارتي اڳرائي تي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) ڀارتي ناظم الامور جي پرڏيهي کاتي جي آفيس ۾ طلبي، پاڪستان ڀارتي اڳرائي تي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڀارتي حملي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترائي ماڻهو شهيد ۽ زخمي ٿيا آهن.
ڀارت، پاڪستان جي خودمختياري ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، ڀارتي غير ذميواراڻو رويو علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ خطرناڪ آهي.