پيپلز پارٽي جو 9 مئي تي نواب شاهه ۾ رٿيل جلسو ملتوي ڪيو ويو آهي: محمد سالم زرداري
نوابشاهه (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو نوابشاهه ۾ 9 مئي تي رٿيل جلسو ملتوي ڪيو ويو آهي.
پ پ ضلعي شهيد بينظير آباد جي صدر محمد سالم زرداري جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جو 9 مئي تي نواب شاهه ۾ رٿيل جلسو ملتوي ڪيو ويو آهي.
پيپلز پارٽي تڪراري ڪئنالن خلاف ڊويزنل سطح تي جلسا ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن تحت حيدرآباد، سکر ۽ ميرپورخاص ۾ پ پ پاران جلسا ڪيا ويا، جڏهن ته وفاقي سرڪار تڪراري ڪئنال منصوبو واپس وٺي ڇڏيو آهي.
9 مئي تي پ پ جو نوابشاهه ۾ جلسو رٿيل هو، جنهن کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي خطاب ڪرڻو هو، موجوده صورتحال کان پوءِ جلسو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.