تازہ ترین

قومي سلامتي ڪاميٽي اجلاس: اسيمبلي ۾ خطاب ڪري ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو

قومي سلامتي ڪاميٽيءَ پاڪ فوج کي ڀارت خلاف جوابي ڪارروائين جو مڪمل اختيار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي اڳراين ۽ پاڪستان جي ڀرپور جواب تي قومي اسيمبلي ۾ خطاب ۽ ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪاميٽي جو هنگامي اجلاس ختم ٿيو جنهن ۾ ڀارتي حملي ۽ ان بعد پاڪستاني جوابي ڪارروائي جي صورتحال تي غور ڪيو ويو.

وزيراعظم جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪاميٽيءَ جو اجلاس 2 ڪلاڪ جاري رهيو، جنهن اعليٰ فوجي قيادت، وزير، صلاحڪار ۽ ٻيون اهم شخصيتون شريڪ ٿيون.

اجلاس ۾ ڀارت جي جنگي حملن، پاڪستاني فوج پاران جوابي ڪارروائيءَ ۽ خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.

عملدارن موجب وزيراعظم شهباز شريف اسيمبلي ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ۽ وزيراعظم قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ڀارتي اڳراين خلاف پاڪستان کي اڳتي جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته اجلاس ۾ سفارتي قدمن، عالمي برادريءَ سان رابطن بابت صلاح مشورا پڻ ڪيا ويا.

اجلاس ۾ ڀارتي حملن ۽ پاڪستاني جوابي ڪارروائيءَ تي هٿياربند عملدارن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستان ڀارتي حملن جو فوري جواب ڏيندي ڀارتي فوجي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ۽ ڀارت جا 5 جهاز ڪيرايا جڏهن ته بريگيڊ هيڊڪوارٽر کي به تباهه ڪيو ويو.

ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ هو ته ڀارت کي ڀرپور جواب ڏيڻ تي ڪاميٽيءَ طرفان پاڪ فوج جي ڀرپور واکاڻ ڪئي وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي سلامتي ڪاميٽيءَ پاڪ فوج کي ڀارت جي خلاف جوابي ڪارروائين جو مڪمل اختيار ڏئي ڇڏيو.

ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته سموري قوم پنهنجي بهادر هٿياربند فوج سان گڏ آهي، پاڪستان جي خودمختياري، سالميت ۽ عزت کي ڪوسو واءُ لڳڻ نه ڏنو ويندو.

اجلاس ۾ ٽنهي هٿياربندن فوجن جا سربراهه، بچاءَ وارو وفاقي وزيراطلاعات وارو وفاقي وزير به شريڪ ٿيو.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com