عدنان سميع پنهنجي ٽوئيٽس ۾ هڪ ٽوئيٽ ۾ ”جي هند“ جو نعرو هڻندي ”آپريشن سندور“ جو هيش ٽيگ استعمال ڪيو
ڪراچي (ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستان ڇڏي ڀارت وڃي رهندڙ عدنان سميع ڀارت سان پنهنجي وفاداري ثابت ڪرڻ لاءِ ڀارتي حملي کان پوءِ پاڪستان ٽي وي اينڪرز تي چٿرون ڪيون.
ڀارتي فوج طرفان 7 مئي تي صبح سويل پاڪستان جي مختلف 7 هنڌن تي مزائل حملا ڪري عام شهرين کي شهيد ڪيو ويو ۽ عبادتگاهن سميت شهرين جي گھرن کي نشانو بڻايو ويو.
ڀارتي بزدلاڻي ڪارروائيءَ تي پاڪ فوج ڀارتي فوج جا ڏند کٽا ڪندي 5 جهاز ۽ برگيڊ هيڊڪوارٽر کي تباهه ڪري سندن ڪيتريون ئي سرحدي چوڪيون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون، جنهن بعد ڀارت پاران چوڪين تي هار مڃڻ جا اڇا جھنڊا پڻ ڦڙڪايا ويا.
ڀارتي اڳرائي ۽ حملي کان پوءِ جتي ڀارتي هندو اداڪارن پنهنجي ملڪ سان وفاداري ثابت ڪئي اتي ڀڳوڙي عدنان سميع به پنهنجي جاءِ پڪي ڪرڻ لاءِ پاڪستاني ٽي وي اينڪرز تي چٿرون ڪيون.
عدنان سميع پنهنجي ٽوئيٽس ۾ هڪ ٽوئيٽ ۾ ”جي هند“ جو نعرو هڻندي ”آپريشن سندور“ جو هيش ٽيگ استعمال ڪيو ۽ ٻئي ٽوئيٽ ۾پاڪستاني اينڪرز تي چٿر ڪئي.
هن ٻئي ٽوئيٽ ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس سان ٺاهيل تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ڀارتي حملي بعد سمورن پاڪستاني اينڪرز جي حالت هيءَ هوندي.
عدنان پاران جاري ڪيل تصوير ۾ اينڪرز کي فوج طرفان پسٽل جي زور تي ڊيڄاريندي ڏيکاريو ويو آهي ۽ پسمنظر ۾ فوجي پڻ نظر اچي رهيا آهن.
هن تصوير شيئر ڪندي لکيو ته موجوده حالتن ۾ سمورن پاڪستاني ٽي وي اينڪرز جي حالت هيءَ آهي.
عدنان سميع پاران پاڪستاني اينڪرز تي چٿرون ڪرڻ بعد سوشل ميڊيا تي مٿس ڇتي تنقيد ڪئي وئي ۽ مٿس چٿرون ڪيون ويون ته ڀارتي شهريت لاءِ توکي ڪهڙا ڪهڙا نه پاپڙ ويلڻا پيا پون.
سوشل ميڊيا صارفن لکيو ته جي عدنان ايئن نه ڪري ها ته شايد کيس ڀارت ۾ رهڻ نه ڏنو وڃي ها.