دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊي ايس پي يار محمد جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي
نوابشاهه (ويب ڊيسڪ) سڪرنڊ پوليس جي تشدد ۾ فوت ٿيل محمد نواز زرداري جي ڪيس ۾ ڊي ايس پي يار محمد گرفتار.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊي ايس پي يار محمد جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.
ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ بعد ڊي ايس پي يار محمد کي عدالتي احاطي مان حراست ۾ ورتو ويو.
عدالت قتل ڪيس ۾ نامزد انسپيڪٽر شاهد ملڪ ۽ شبير گوپانگ جي به ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.