شهيدن جي خون جي ڦڙي ڦڙي جو حساب ورتو ويندو، ڀارت خلاف جنگ کي منطقي انجام تائين پهچائي ساهه پٽبو: خطاب
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت پاڪستان خلاف اڳرائي ڪري غلطي ڪئي، ڀارت کي پنهنجي غلطي جو نتيجو ڀوڳڻو پوندو.
شهيدن جي خون جي ڦڙي ڦڙي جو حساب ورتو ويندو، ڀارت خلاف جنگ کي منطقي انجام تائين پهچائي ساهه پٽينداسين.
وزيراعظم شهباز شريف پاران قومي اسيمبلي ۾ قوم کي خطاب ڪندي هن چيو ته هوائي فوج پيشوراڻي مهارت سان دشمن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف ڀارت کي جن جهازن تي ناز هو، اُهي هاڻي خاڪ ۽ عبرت جو نشان بڻجي چڪا آهن.
پاڪستان پهلگام واقعي جي اڻڌري جاچ جي آڇ ڪئي پر ڀارت اڳرائي جو رستو اختيار ڪيو.
دشمن جو ڄمي مقابلو ڪيو ويندو، وطن جي دفاع لاءِ آخري ساهه تائين وڙهنداسين.