پهلگام واقعي جي غير جانبداراڻي ۽ شفاف جاچ جي مطالبي جو آڌرڀاءُ ڪيون ٿا: آمريڪا ۽ برطانيا ۾ مقرر سفير
واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير ۽ برطانيا ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر واضح ڪيو آهي ته پاڪستان هر صورت ۾ ڀارت کي حملي جو ڀرپور جواب ڏيندو.
آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير رضوان سعيد شيخ چيو ته پهلگام واقعي جي غير جانبداراڻي ۽ شفاف جاچ جي مطالبي جو آڌرڀاءُ ڪيون ٿا.
ڀارتي اڳراين جي جواب ۾ پاڪستان ڀرپور دفاعي ڪارروائي ڪئي، قومي سلامتي ڪاميٽي جي پڌرائي ۾ واضح آهي ته گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت پاڪستان جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو.
پاڪستاني سفير چيو ته پاڪستان پنهنجي مرضي ۽ پنهنجي وقت تي جوابي ڪارروائي جو حق محفوظ رکي ٿو، پاڪستان امن پسند قوم ۽ وقار سان امن چاهيون ٿا.
عالمي برادريءَ کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري مسئلي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.
دنيا جي وڏي طاقت هجڻ ناطي آمريڪا ۽ صدر ٽرمپ کان ڪشمير مسئلي جي حل ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي اميد آهي.
پاڪستان ۽ ڀارت جي هڪ ارب 60 ڪروڙ آبادي ڪشمير مسئلي جي ڪري متاثر ٿي رهي آهي، ان ڪري ان مسئلي جو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ضروري آهي.
برطانيا ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان ڀارت جي حملي جو ڀرپور جواب ڏيندو.
برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فيصل چيو ته پاڪستان امن چاهي ٿو ۽ ان اوليت به رهي آهي، پهلگام واقعي جي بين الاقوامي جاچ لاءِ پاڪستان تيار آهي.