اسرائيلي فوجين جي حملن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 107 فلسطني شهيد ٿي ويا
غزه (انٽرنيشنل ڊيسڪ) اسرائيلي فوج غزه ۾ حملا ڪندي 24 ڪلاڪن دوران عورتن ۽ ٻارن سيمت 107 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
اسرائيلي فوج غزه ۾ مسجد خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ويجھي پناهگير اسڪول تي بمباري ڪئي، نتيجي ۾ 2صحافين سميت 40 کان وڌيڪ فسلطيني شهيد ٿي ويا.
ميڊيائي رپورٽن موجب اسرائيلي فوجين جي حملن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 107 فلسطني شهيد ٿي ويا.
ٻئي طرف لبنان تي حملو ڪري حماس اڳواڻ کي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته ڏُڪاريل غزه جا ٻار غذائي کوٽ سبب زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي بيٺل آهن.
ورلڊ سينٽرل ڪچن امدادي سامان ختم ٿيڻ تي غزه ۾ ڪم روڪڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن کان پوءِ آمريڪي ڪانگريس جي 94 ڊيموڪريٽ ميمبرن اسرائيل کان غزه ۾ امدادي سامان جي پهچ جو فوري مطالبو ڪيو آهي.