جنگبندي دوران يوڪرين جو رويو آزمائش رهندو ته جيئن ڊگهي مدي لاءِ امن جو دڳ ڳولي سگهجي: روس
ماسڪو (انٽرنيشنل ڊيسڪ) روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگبندي اڄ کان شروع، 10 مئي تائين جاري رهندي.
روسي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته جنگبندي دوران يوڪرين جو رويو آزمائش رهندو ته جيئن ڊگهي مدي لاءِ امن جو دڳ ڳولي سگهجي.
روسي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته يوڪرين جنگبندي تي عمل نه ڪيو ته مناسب جواب ڏنو ويندو.