لاڙڪاڻو، فيض گنج، ڪڪڙ، ڪرمپور، ميرواهه گورچاڻي، پکو ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ڪڍي پاڪ فوج جي حق ۾ نعريٰ هنيا ويا
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڀارتي جارحيت خلاف ۽ پاڪ فوج جي حق ريليون، پاڪ
فوج زنده آباد جا نعرا.
لاڙڪاڻي ۾ پاڪ فوج سان ٻڌيءَ لاءِ ريلي، وڏي انگ ۾ ماڻهو شريڪ، خيرپور ۾ سيپڪو ملازمن پاران پاڪ فوج سان ٻڌي جي اظهار لاءِ ريلي.
فيض گنج، ڪڪڙ، ڪرمپور، ميرواهه گورچاڻي، پکو ۽ سيتاروڊ ۾ به ريليون، پاڪ فوج جي جوانن کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
اڳواڻن پاڪ فوج جي بهادري کي سلام پيش ڪندي چيو ته ملڪ دفاع ۽ عوام تحفظ لاءِ پاڪ فوج سرحدن تي موجود آهي.
هنن چيو ته ڪنهن به اڳرائيءَ جي صورت ۾ ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي، سموري قوم فوج سان گڏ بيٺل آهي.