پاڪ فوج ڀرپور جواب ڏيندي سمورن ڊرونز کي ڪيرائي وڌو، ڊرونز ڪرڻ سبب 2 ڄڻا شهيد ۽ 7 ڄڻا زخمي
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) ڀارتي اڳراين جو سلسلو جاري آهي، ڀارت سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ اسرائيل جا ٺهيل جديد هيروپ ڊرونز ڇڏي ڏنا پر پاڪ فوج ڀرپور جواب ڏيندي سمورن ڊرونز کي ڪيرائي وڌو آهي، ڊرونز ڪرڻ سبب 2 ڄڻا شهيد ۽ 4 اهلڪارن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ڊان نيوز موجب ڪراچيءَ جي علائقي ملير شرافي ڳوٺ ۽ گلشن حديد ۾ 2 ڊرونز ڪيرايا ويا، جتي ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.
سنڌ جي ضلعي گھوٽڪيءَ جي ڳوٺ سرفراز لغاريءَ ۾ ڊرون تباهه ٿيڻ کان پوءِ ڍانچو ڪرڻ سبب مختيار نالي ڳوٺاڻو مارجي ويو جڏهن ته سندس والد عيدن زخمي ٿي پيو.
پنجاب جي گاديءَ واري شهر لاهور سميت مختلف شهرن ۾ پاڪستاني فورسز پاران ڀارت جا جاسوس ڊرونز تباهه ڪيا ويا آهن.
پوليس عملدارن موجب لاهور ۾ صبح کان هن وقت تائين 3 ڊرون ڪيرايا ويا آهن، والٽن روڊ لاهور تي 2 ڊرونز ڪيرايا ويا، هڪ ڊفينس ۾ ڪيرايو ويو، جن مان هڪ ڊرون اسرائيل جو ٺهيل هو.
راولپنڊي ۾ به 2 جاسوس ڊرونز ڪيرائڻ جا اطلاع آهن، ڊرون ڪرڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، هڪ ڊرون راولپنڊي ريس ڪورس گرائونڊ ۾ ڪريو.
گجرانوالا جي مختلف علائقن ۾ 2 ڊرونز ڪيرايا ويا، ٻنهي ڊرونز جو ڍانچو هٿ ڪيو ويو، هڪ ڊرون جو ڍانچو ڳوٺ پير جھنڊ جي فصل ۾ ۽ ٻئي ڊرون جو ڍانچو واهنڊو جي ٽوڪريان ڳوٺ مان مليو.
شيخوپوره جي ڳوٺ ماهوما ويجھو به پاڪستاني فورسز پاران ڀارتي ڊرون ڪيرايو ويو آهي.
چڪوال جي ثاني ڍومن جي حدن ۾ به مبينه طور ڀارت جو جاسوس ڊرون فصلن ۾ ڪري تباهه ٿي ويو، بهاولپور جي ويجھو چولستان ۾ به ڀارتي ڊرون ڪيرايو ويو.
اٽڪ ۾ به هڪ ڊرون ڪيرائڻ جا اطلاع مليا آهن، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته اٽڪ جي علائقي ڍوڪ ۾ به سيڪيورٽي فورسز ڀارتي ڊرون ڪيرائي وڌو آهي.
ڊرون جو تباهه ٿيل ڍانچو ڪرڻ سبب محبوب نالي شهري فوت ٿي ويو، سيڪيورٽي ادارن ڊرون جي ڍانچي کي قبضي وٺي ڇڏيو، پوليس اهلڪارن موجب واقعن جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.