ايڊيشنل سيشن جج کپرو جي عدالت جوابدار محمد ابراهيم ڪيريو کي 4 لک ڏنڊ جي به سزا ٻڌائي
جھول (ويب ڊيسڪ) جھول ويجهو ڳوٺ قاسم ڪيريو ۾ شاگردياڻي سان لڄالٽ ڪندڙ استاد ڏوهي ثابت، عمر قيد جي سزا.
ايڊيشنل سيشن جج کپرو جي عدالت جوابدار محمد ابراهيم ڪيريو کي چار لک رپيا ڏنڊ جي به سزا ٻڌائي ڇڏي.
عدالت دائي رضيه ڪنڀر کي شاگردياڻي جو حمل ڪيرائڻ تي پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
سال اڳ استاد ابراهيم ڪيريو خلاف پرائمري اسڪول جي شاگردياڻي زرمينا سان زيادتي جو ڪيس داخل ٿيو هو.