رات دير تائين پاڪستاني فورسز پاران ڀارتي ڊرونز ڪيرائڻ جو سلسلو جاري رهيو
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) ڀارتي اڳرائي جو هڪ ڀيرو ٻيهر منهن ٽوڙ جواب، پاڪ فوج سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ 31 اسرائيل جا ٺهيل جديد هيروپ ڊرونز تباهه ڪري ڇڏيا.
ڪراچيءَ جي علائقي ملير شرافي ڳوٺ ۽ گلشن حديد ۾ پاڪستاني فورسز جي جوانن پاران 2 ڊرونز ڪيرايا ويا، ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.
ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ سرفراز لغاريءَ ۾ ڊرون تباهه ٿيڻ کان پوءِ ڍانچو ڪرڻ سبب مختيار لغاري شهيد ٿي ويو، سندس والد عيدن زخمي.
لاهور جي والٽن روڊ تي 2 ۽ هڪ ڊرون ڊفينس ۾ ڪيرايو ويو، راولپنڊي ۾ به 2 جاسوس ڊرونز تباهه ڪيا ويا.
پاڪ فوج گجرانوالا ۾ 2، اٽڪ، چولستان، چڪوال ۽ شيخوپوره ۾ به هڪ هڪ ڊرون کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو.