پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ ڀارتي ميڊيا ڪوڙيون ڪهاڻيون ٺاهي رهيو آهي: اطلاعات وارو وفاقي وزير
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته ڀارت کي ڪيل اڳرائي جو حساب ڏيڻو پوندو.
پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ ڀارتي ميڊيا ڪوڙيون ڪهاڻيون ٺاهي رهيو آهي، پاڪستاني جهاز ڪيرائڻ واري ڀارتي دعويٰ ڪوڙي آهي.
اهڙيون ڪوڙيون دعوائون ڀارتي مايوسي ظاهر ڪن ٿيون، اهڙيون ڪوڙيون ڪهاڻيون ڀارت کان سواءِ ڪٿي نه ملنديون.
اطلاعات واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته هن وقت تائين بارڊر پار ڪنهن به هنڌ حملو ۽ يا ڪنهن جهاز کي نقصان ناهي پهتو .