شرجيل ميمڻ جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ريڊ لائين بي آر ٽي منصوبي تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس، ريڊ لائين بي آر ٽي منصوبي تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.
اهم اجلاس ۾ ڊيپو جي ڊيزائن، بايو گئس پلانٽ سميت ٻين اهم معاملن تي غور، ايشيائي ترقياتي بينڪ جي نمائندن مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.
سينيئر صوبائي وزير جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪي فور واٽر پروجيڪٽ ۽ يوٽيلٽي سهولتن جي منتقلي وارن مسئلن جي نشاندهي ڪئي وئي.
شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته ريڊ لائين بي آر ٽي رڳو ٽرانسپورٽ جو منصوبو ناهي، اهو منصوبو شهرين لاءِ جديد، ماحول دوست مستقبل ڏانهن هڪ تاريخي قدم آهي.
سنڌ جي سينيئر صوبائي وزيرا شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته يوٽيلٽي منتقلي سميت ٻين مسئلن جي حل لاءِ قدم کنيا ويا آهن.