پٺاڻ ڪوٽ، جيسلمير ۽ سرينگر تي حملي جا الزام بي بنياد آهن: پرڏيهي کاتي جو ترجمان
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پاڪستان هندستاني علائقن تي حملي جي ڀارتي ميڊيا جي الزامن ۽ پروپئگنڊا کي رد ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڀارتي جي الزامن ۽ پروپئگنڊه کي رد ڪري ٿو، پٺاڻ ڪوٽ، جيسلمير ۽ سرينگر تي حملي جا الزام بي بنياد آهن.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته جاچ بنا پاڪستان تي الزامن جو عمل سوچيل سمجهيل منصوبي جو نتيجو آهي.
الزامن جو مقصد خطي کي غير مستحڪم ڪرڻ ۽ اڳرائي لاءِ بهانو گهڙڻ آهي، پاڪستان پوري طاقت سان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي دفاع سان جواب ڏيندو.