ڀارت عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي، پاڪستان پهلگام واقعي جي نيڪ نيتي سان جاچ جي آڇ ڪئي: بريفنگ
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته پاڪستان ڀارتي اڳراين جي مذمت ڪري ٿو، ڀارتي جنگي جنون سبب خطي جو امن خطري ۾ پئجي ويو آهي.
شفقت علي خان پاران هفتيوار برينگ ڏيندي چيو ته ڀارت عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، پاڪستان پهلگام واقعي جي نيڪ نيتي سان جاچ جي آڇ ڪئي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب ڀارت پهلگام واقعي جي اوٽ وٺي پاڪستان خلاف ڪوڙي واويلا ڪئي، سنڌ طاس ٻه طرفو نه عالمي معاهدو آهي.
شفقت علي خان جو چوڻ هو ته دهشتگردي جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي ڀارتي دعويٰ بي بنياد آهي، پاڪستان هر ممڪن صبر جو مظاهرو ڪري رهيو آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارت جي جنگي جنون سبب عالمي دنيا کي ڳڻتي ٿيڻ گھرجي پر دنيا خاموش آهي.