ڀارتي فوج نورخان ايئر بيس، مريد ايئر بيس ۽ شور ڪوٽ کي مزائلز سسان نشانو بڻايو، پاڪ ايئرفورس جا سمورا اثاثا محفوظ: پاڪ فوج ترجمان
راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) پاڪ فوج 3 ايئربيسز تي ڀارتي حملا ناڪام بڻائي ڇڏيا.
ڊي جي آءِ ايس پي آر رات جو 3 وڳي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڀارتي فوج نورخان ايئر بيس، مريد ايئر بيس ۽ شور ڪوٽ کي مزائلز سسان نشانو بڻايو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارتي ميزائل حملن باوجود پاڪ ايئر فورس جا سمور اثاثا محفوظ آهن، ڪجهه ميزائل ايئربيسز تي ڪريا، ڪو به نقصان نه ٿيو.
هن چيو ته ڀارت هوا مان زمين تي فائر ڪندڙ ميزائل فائر ڪيا، ڀارت 6 بئلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا، جن مان 5 امرتسر تي ڪيرايا ويا.
ڀارت پاران فائر ڪيل سمورا ميزائل پاڪستان ايئر ڊفينس سسٽم تحت مانيٽر ڪيا ويا ۽ وڏي نقصان کان بچايو ويو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب ڀارت سازش تحت ڀارتي سکن کي نشانو بڻائي رهي آهي.
ليفٽينينٽ احمد شريف چوڌري جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت پاران پارتي پنجاب تي 5 ۽ افغانستان تي به ميزائل حملا ڪري انهن جو الزام پاڪستان تي لڳايو ويو آهي.
ڀارتي پنجاب ۽ افغانستان تي حملو ڀارتي شُر پکيڙڻ جو ثبوت آهي، افغانستان تي به ڀارت ميزائل فائر ڪيا آھن، اسان جي جواب جو انتظار ڪيو، سکن سان ھمدردي آھي.