پاڪستان ذميوار، امن پسند قوم جي حيثيت ۾ ڀارت جي چڙ ڏياريندڙ حرڪتن تي به صبر جو مظاهر ڪيو: صدر
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) صدر مملڪت آصف علي زرداريءَ سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ايوان صدر ۾ ملاقات ڪري ڀارتي اڳراين، پاڪستان جي آپريشن ”بنيان مرصوص“ جي صورت ۾ ڀارت کي ڏنل اثرائتي جواب بابت آگاهه ڪيو.
ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف وارو سينيٽر اعظم نذير تارڙ به موجود هئا.
صدر مملڪت آصف علي زرداريءَ ڀارتي اڳراين، ميزائل حملن جو ڀرپور جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج جي غير معمولي پيشيوراڻي مهارت، بهادري ۽ صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر مملڪت جي ملاقات ۾ ملڪ ۽ خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
صدر جو چوڻ هو ته پاڪستان هڪ ذميوار، امن پسند قوم جي حيثيت ۾ ڀارت جي چڙ ڏياريندڙ حرڪتن جي مقابلي صبر جو مظاهر ڪيو.
صدر چيو ته افسوس جو ڀارتي اڳراين جي ڪري پاڪستان وٽ پنهنجي خودمختياري جي دفاع جو فيصلائتو جواب ڏيڻ کان سواءِ ڪو رستو نه رهيو.
صدر آصف علي زرداريءَ چيو ته سموري قوم متحد ۽ ڀارتي اڳراين جي مقابلي ۾ پنهنجي فوج جي ڀرپور حمايت ڪري ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پنهنجي ملڪي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو هر قيمت تي ڀرپور دفاع ڪندو.