موجوده صورتحال ۾ شهري غيرضروري سفر کان پاسو ڪن: پي ڊي ايم اي
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم اي ڪراچي جي شهرين لاءِ حفاظتي اپاءَوٺڻ جي لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
پي ڊي ايم اي پاران جاري ڪيل هدايتن ۾ چيو ويو آهي ته موجوده صورتحال ۾ شهري غيرضروري سفر کان پاسو ڪن.
پي ڊي ايم اي پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪراچيءَ سميت سنڌ جا شهري گهرن جي درين ۽ ڇتين تي نه بيهن، شهري پرامن رهن ۽ پريشان نه ٿين.