پاڪستان صبر جو مظاهرو ڪيو پر حملا نه روڪيا ويا: اطلاعات وارو وفاقي وزير
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته دفاع وارو حق استعمال ڪندي ڪارروائي ڪئي.
پاڪستان صبر جو مظاهرو ڪيو پر حملا نه روڪيا ويا، هن چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ شهري آبادي وارن علائقن کي نشانو بڻايو.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڀارت سکن جي مذهبي عبادتگاهن کي به نشانو بڻايو.
پاڪستان رڳو ڀارتي فوجي ٿاڪن کي نشانو بڻايو، پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر موجب ڪارروائي ڪئي.