ڀارت ايشين ٽائيگر بڻجڻ جو خواب ڏسي رهيو هو، کيس جواب ڏنو ويو: شرجيل انعام ميمڻ
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته موجوده صورتحال ۾ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو پيو وڃي.
ميڊيا سان ڳالهائيدني خورشيد شاهه چيو ته پاڪ فوج ڀارت کي ڀرپور طريقي سان جواب ڏنو، پاڪستان هر محاذ تي ڀارت سان وڙهڻ لاءِ تيار آهي.
سيد خورشيد احمد شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت پاڪستان سميت دنيا ۾ دهشتگردي پکيڙي رهيو آهي، حملو ڪرڻ جي شروعات ڀارت ڪئي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪ فوج بهادري سان ڀارتي اڳرائي جو جواب ڏنو، پاڪ فوج ڀارت ۾ عام ماڻهن کي نشانو ناهي بڻايو.
هن چيوته ڀارت ايشين ٽائيگر بڻجڻ جو خواب ڏسي رهيو هو، پاڪستان شاندار طريقي سان ڀارت تي سائبر حملا ڪيا، پاڪستاني سرحدي حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، کين سبق سيکاريو.