تازہ ترین

پاڪستان جي آپريشن بنيان مرصوص دوران 75 سيڪڙو ڀارت جي بجلي بند، ايئر ڊفينس سسٽم تباهه

پٺاڻ ڪوٽ ۾ ايئر فيلڊ، آدم پور جي ڀارتي ايئر بيس، آرٽلري گن پوزيشن دهر نگياري، براهموس اسٽوريج سائٽ تباهه ڪيا ويا

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پاڪستان جو بزدل دشمن ڀارت کي ڀرپور جواب ڀارتي جارحيت خلاف پاڪستان آپريشن، بُنيان مرصوص.

پاڪ فضائيه جي جَي ايف 17 ٿنڊر ڀارت جو ايس 400 ڊفينس ميزائل سسٽم تباهه ڪري ڇڏيو، ڀارت جي 12 کان وڌيڪ ھدفن کي نشانو بڻايو ويو.

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پٺاڻ ڪوٽ ۾ ايئر فيلڊ، آدم پور جي ڀارتي ايئر بيس، آرٽلري گن پوزيشن دهر نگياري، براهموس اسٽوريج سائٽ.

اوڌم پور ايئر بيس، برگيڊ هيڊ ڪوارٽر ڪي جِي ٽاپ، اڙي سپلائي ڊپو کي به تباهه ڪيو ويو، بياس جي علائقي براهموس ۾ ميزائلن جي ذخيري کي به نشانو بڻايو ويو.

پاڪستان سائبر حملي ذريعي هندستان جي 70 سيڪڙو بجلي بند ڪري ڇڏي، ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي جي فضائن ۾ پاڪستاني ڊرونز جون اڏامون.

حڪومتي اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪ فورسز صرف ڀارتي فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو آهي.

موجوده صورتحال ۾ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو پيو وڃي: خورشيد احمد شاهه

ڀارت ايشين ٽائيگر بڻجڻ جو خواب ڏسي رهيو هو، کيس جواب ڏنو ويو: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته موجوده صورتحال ۾ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو پيو وڃي.

ميڊيا سان ڳالهائيدني خورشيد شاهه چيو ته پاڪ فوج ڀارت کي ڀرپور طريقي سان جواب ڏنو، پاڪستان هر محاذ تي ڀارت سان وڙهڻ لاءِ تيار آهي.

سيد خورشيد احمد شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت پاڪستان سميت دنيا ۾ دهشتگردي پکيڙي رهيو آهي، حملو ڪرڻ جي شروعات ڀارت ڪئي.

سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪ فوج بهادري سان ڀارتي اڳرائي جو جواب ڏنو، پاڪ فوج ڀارت ۾ عام ماڻهن کي نشانو ناهي بڻايو. هن چيوته ڀارت ايشين ٽائيگر بڻجڻ جو خواب ڏسي رهيو هو، پاڪستان شاندار طريقي سان ڀارت تي سائبر حملا ڪيا، پاڪستاني سرحدي حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، کين سبق سيکاريو.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com