ڀارتي ايئر بيسز تي پاڪستاني ويڙهاڪ جهازن حملا ڪيا، پاڪستان هاءِ اسپيڊ ميزائلن سان ڀارتي ايئربيسز تي حملا ڪيا
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) ڀارتي فوج، پاڪستان جي ڪامياب جوابي ڪارروائي جو اعتراف ڪري ورتو.
بريفنگ ڏيندي ترجمان ڀارتي فوج چيو آهي ته ڀارتي ايئر بيسز تي پاڪستاني ويڙهاڪ جهازن حملا ڪيا، پاڪستان هاءِ اسپيڊ ميزائلن سان ڀارتي ايئربيسز تي حملا ڪيا.
پاڪستان 26 هنڌن تي جهازن، ميزائل ۽ ڊرونز ذريعي نشانو بڻايو، پاڪستان راجوڙي، پٺاڻ ڪوٽ، اڌمپور سميت ٻين هنڌن تي حملا ڪيا.
ڀارتي ترجمان موجب پاڪستان جي حملن سان تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، پاڪ فوج ڊرونز ۽ ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ هٿيار استعمال ڪيا.