تازہ ترین

ڪراچي: رئيس مما سميت 13 جوابدارن خلاف چڪرا ڳوٺ سانحو ڪيس جو فيصلو هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي

عدالت محفوظ ڪيل فيصلو نه ٻڌايو، 26 مئي تي ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ جو امڪان: ڪورٽ ذريعا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي دهشتگرديءَ جي انت واري خاص عدالت چڪرا ڳوٺ سانحي ۾ پوليس وين تي حملي ۽ اهلڪارن جي قتل ڪيس ۾ايم ڪيو ايم ڪورنگي جي اڳوڻي سيڪٽر انچارج رئيس مما سميت 13 جوابدارن جي خلاف فيصلو ٻيهر ملتوي ڪري ڇڏيو.

ڊان نيوز موجب 13 سال پراڻي ڪيس ۾ پوليس ايم ڪيو ايم جي رئيس مما ۽ ٻين 13 جوابدارن کي دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت ۾پيش ڪيو.

عدالت محفوظ ڪيل فيصلو نه ٻڌايو، ڪورٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته 26 مئي تي ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ جو امڪان آهي.

چڪرا ڳوٺ سانحي جي ٻڌڻي مڪمل ٿي چڪي، وڪيلن طرفان آخري دليل پيش ڪرڻ کان پوءِ عدالت پنهنجو فيصلو محفو ڪيو هو جيڪو اڄ ٻڌائڻو هو.

جوابدارن جي وڪيل عابد زمان ايڊووڪيٽ جو چوڻ هو ته پراسيڪيوشن جوابدارن جي خلاف شاهد پيش ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي.

اسامه علي ايڊووڪيٽ چيو ته جوابدار رئيس مما جي ٽرائل دوران ڪنهن به شاهد سڃاڻپ نه ڪئي، بئريسٽر ساره عاصم چيو ته جوابدارن کي ڪيس مان بري ڪيو ويندو.

پراسيڪيوشن موجب جوابدار رئيس مما 2011ع تي ڪورنگي ۾ پنهنجي دهشت ۽ هڪ هٽي قائم ڪرڻ لاءِ چڪرا ڳوٺ ۾ پوليس وين تي حملو ڪو هو.

فائرنگ جي ڪري سنڌ ريزرو پوليس (ايس آر پي) جا 3 اهلڪار شهيد جڏهن ته اهلڪار سميت 27 ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا.

صفائي وڪيل موجب ڪيس ۾ اڳوڻي سيڪٽر انچار رئيس مما، عمران لمبا، انعام، گل محمد، قاسم، عمير سميت 13 جوابدار گرفتار آهن.

ياد رهي ته ايم ڪيو ايم جي ڄاڻايل جوابدارن جي خلاف 2011ع ۾ زمان ٽائون ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com