نائلا ڪياني گذريل ڏينهن دنيا جي ٽئين نمبر مٿانهي چوٽي ڪنچن جونگا سر ڪئي هئي
اسلام آباد (اسپورٽس ڊيسڪ) جبل چاڙهو نائلا ڪياني ڀارتي رياست سان جُڙيل چوٽيءَ تي پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪائي ڇڏيو، وڊيو جاري.
نائلا ڪياني گذريل ڏينهن دنيا جي ٽئين نمبر مٿانهي چوٽي ڪنچن جونگا سر ڪئي هئي.
ڀارتي رياست سيڪم سان جڙيل ان چوٽي تي نائلا پاڪستان جو جهنڊو بلند ڪيو.
پاڪستان جي جبل چاڙهو ناري نائلا ڪياني سمٽ لاءِ خاص طور تي سائي رنگ جو سُوٽ ٺهرايو هو.