صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران قوم کي واڌايون پيش
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ 27هون يوم تڪبير جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران قوم کي واڌايون پيش ڪيون ويون.
صدر آصف علي زرداري چيو ته اڄوڪي ڏينهن پاڪستان پنهنجي ايٽمي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو.
اڄ هو ملڪي خودمختاري، علائقائي سلامتي جي تحفظ جو عزم ڪن ٿا، ايٽمي قوت حاصل ڪرڻ طاقت ذريعي امن قائم رکڻ جو دانشمنداڻو فيصلو هو.
وزيراعظم شهباز شريف پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، ڊاڪٽر عبدالقدير خان، سائنسدانن ۽ انجنيئرز کي سلام پيش ڪيو ويو.
وزيراعظم جو چوڻ آهي ته مئي 1998ع ۾ ڀارت 5 ايٽمي ڌماڪا ڪري اسان جي سلامتي، دفاع ۽ خودمختياري کي چئلينج ڪيو هو.
نواز شريف 6 ڌماڪا ڪري پاڪستان کي ايٽمي قوت بڻايو، يوم تڪبير قوم جي اتحاد، آزادي ۽ خودمختياريءَ تي سوديبازي نه ڪرڻ جي اعلان جو ڏينهن آهي.