ڀارت جون حرڪتون ان جي عالمي دعوائن جي ابتڙ آهن: پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو ردعمل
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پاڪستان پاران مودي جي پاڻي کي هٿيار بڻائڻ جي ڌمڪي عالمي اصولن جي ڀڃڪڙي قرار.
پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ڀارت جون حرڪتون ان جي عالمي دعوائن جي ابتڙ آهن، نريندر مودي هڪ ڀيرو ٻيهر چڙ ڏياريندڙ موقف اختيار ڪيو.
اهڙا قدم ڀارت جي روئي ۽ عالمي ارادن ۾ تضاد کي ظاهر ڪن ٿا، پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو ڀارتي وزيراعظم جي بيان تي ردعمل.
هن چيو ته عالمي احترام جي خواهشمند ماڻهن کي ٻين کي ڌمڪائڻ کان اڳ پنهنجو احتساب ڪرڻ گهرجي.
ڀارت پرڏيهه ۾ قتل ۽ رتوڇاڻ ۾ ملوث آهي، داخلي معاملن ۾ مداخلت ڪندو آهي، ڀارت غير ملڪي علائقن ۽ عوام تي قابض آهي.
پرڏيهي ترجمان موجب ڀارت جي نوجوانن کي گهرجي ته اُهي خوف جي سياست کي رد ڪن ۽ وقار، دليل ۽ خطي ۾ سهڪار تي ٻڌل مستقبل ڏانهن قدم وڌائين.