تازہ ترین

روڪ ادائيگين خلاف حڪومتي مهم تيز، ٻٽين قيمتن وارو نظام متعارف ڪرائڻ جو امڪان

ايندڙ بجيٽ ۾ مختلف شعبن ۾ روڪ ۽ ڊجيٽل ادائيگين لاءِ مختلف ٽئڪسز ۽ ڏي وٺ جون شرحون متعارف ڪرائڻ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پاران روڪ ادائيگين خلاف جنگ جي اسٽريٽجڪ منصوبي تحت ايندڙ بجيٽ ۾ مختلف شعبن بشمون پيٽرول جي قيمتن ۾ روڪ ۽ ڊجيٽل ادائيگين لاءِ مختلف ٽئڪسز ۽ ڏي وٺ جون شرحون متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.

 اهو قدم انهن اهم ترين قدمن مان هڪ هوندو جن جو خزاني وارو وزير محمد اورنگزيب تازو ئي اشارو ڏئي چڪو آهي ۽ امڪاني طور 10 جون تي بجيٽ تقرير دوران ان جو باضابطه اعلان ڪيو ويندو.

ذريعن موجب ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ پگھاردار طبقي لاءِ به ٽئڪس جي شرح ۾ معمولي گھٽتائي (1 کان 1.5 سيڪڙو) جو امڪان آهي.

وزيراعظم جي سخت هدايت تي ته حڪومت کي گھٽ ۾ گھٽ انهن شعبن ۾ وزن گھٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جتي ٽئڪس شرحون غير معمولي طور وڌيڪ آهن، پوءِ ڀلي هو واضح گھٽتائي نه ڪري سگھي.

ذريعن موجب پاليسيون جوڙيندڙن اڳ ئي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي مدد لاءِ ان قدم جي ٽيڪنيڪي ۽ انتظامي رخن تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي جيڪو گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ ڪيترين ئي ڪوششن  ماڊلز باوجود ريٽيل ڪاروبار جي اثرائتي طريقي سان دستاويزي بڻائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.

خزاني واري وزير مبينه طور ايف بي آر پيٽروليم وزارت، بئنڪن، مالياتي ادارن ۽ ڪجھه مشاورتي ڪمپنين سان گھٽ ۾ گھٽ 3 مشاورتي اجلاس منعقد ڪيا آهن جيئن ٽيڪنيڪي حل ڳولي سگھجن.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com