تازہ ترین

ڪراچي جي ملير جيل زلزلي سبب ٻاهر ويهاريل 200 کان وڌيڪ قيدي فرار

80 کان وڌيڪ قيدي پڪڙيا ويا، فائنل ڳڻپ ٿيڻ بعد اندازو لڳائبو ته ڪيترا اڃا فرار آهن: جيل انتظاميا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ملير جيل ۾ زلزلي دوران نقصان کان بچڻ لاءِ بيرڪن کان ٻاهر ويهاريل 200 کان وڌيڪ قيدي فرار ٿي ويا.

80 کان وڌيڪ قيدين کي پوليس ٻيهر پڪڙي ورتو، ملير جيل انتظاميا جو چوڻ آهي ته زلزلي دوران نقصان کان بچڻ لاءِ قيدين کي بيرڪن مان ٻاهر ويهاريو ويو هو.

قيدي پوليس اهلڪارن سان هٿين پئجي ويا ۽ هٿيار کسي فائرنگ ڪئي، جنهن دوران 200 کان وڌيڪ قيدي فرار ٿي ويا.

ڊي آءِ جي جيل ڪراچي محمد حسن سهتو جو چوڻ آهي ته صورتحال هاڻي ضابطي ۾ آهي، جيل ۾ قيدين جي ڳڻپ ڪئي ويندي ته خبر پوندي ته ڪيترا قيدي فرار ٿيا.

زلزلي جي جهٽڪن دوران قيدين جو وڏو انگ بيرڪن کان ٻاهر نڪتو، قيدين ماڙي جي گيٽ به ٽوڙي ۽ جيل اهلڪارن تي تشدد ڪيو.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com