تازہ ترین

سنڌ حڪومت ملير جيل واقعي تي آءِ جي جيل قاضي نذير کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي: شرجيل انعام ميمڻ

ملير جيل سپرنٽينڊنٽ ارشد شاهه کي معطل ڪيو ويو آهي، ڊي آءِ جي جيل حسن سهتو کي به معطل ڪيو ويو آهي: ميڊيا سان ڳالهيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ملير جيل واقعي تي آءِ جي جيل قاضي نذير کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي.

سينيئر صوبائي وزيرچيو ته ملير جيل سپرنٽينڊنٽ ارشد شاهه کي معطل ڪيو ويو آهي، ڊي آءِ جي جيل حسن سهتو کي به معطل ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته نئون آءِ جي جيل جلد مقرر ڪيو ويندو، وڏي وزير کي جيل واقعي تي بريفنگ به ڏني وئي آهي، ملير جيل مان فرار ٿيل قيدي معمولي ڏوهن ۾ ملوث هئا.

شرجيل ميمڻ چيو ته جيل مان فرار ٿيل 79 قيدين کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي، فرار ٿيل قيدين ۾ ڪو به خطرناڪ ڏوهاري شامل ناهي. فرار ٿي ويل قيدي 24 ڪلاڪن اندر پاڻمرادو گرفتاري ڏين، 24ڪلاڪن اندر واپس ايندڙ قيدين خلاف سخت ڪارروائي نه ٿيندي، معاملي جي جاچ لاءِ ٻه رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com