تازہ ترین

ڀارت بي ايل اي ۽ ٽي ٽي پي جي سپورٽ ڪري رهيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪنهن به ملڪ جو پاڻي روڪڻ وارو قدم ڪنهن صورت ۾ قبولڻ جوڳو ناهي: انسٽيٽيوٽ کي خطاب

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته ڀارت بلوچستان ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي.

ڀارتي ڳجھي ايجنسي را بي ايل اي ۽ ٽي ٽي پي جي سپورٽ ڪري رهي آهي، ڇا ان جو مطلب اهو آهي ته هر دهشتگردي کان پوءِ اسان  ڀارت سان جنگ ڪريون؟

بلاول ڀٽو زرداري واشنگٽن ۾ مڊل ايسٽ انسٽيٽيوٽ کي خطاب ڪندي چيو ته ڀارت 24 ڪروڙ پاڪستانين جي پاڻي واري حق تي حملو ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته ڀارتي حڪومت ايندڙ نسلن کي پاڻي تي جنگ ڪرڻ تي مجبور ڪري رهي آهي، ڪنهن به ملڪ جو پاڻي روڪڻ وارو قدم ڪنهن به صورت ۾ قبولڻ جوڳو ناهي.

پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ڪشمير عالمي تڪرار آهي، پاڪستان پهلگام واقعي جي اڻ ڌري عالمي جاچ جي آڇ ڪئي.

ڀارت آڇ جو هاڪاري جواب ڏيڻ بدران اڳرائيءَ جو رستو اختيار ڪيو، ڪشمير مسئلي جي حل کان سواءِ خطي ۾ امن جو قيام ممڪن ناهي.

بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته تڪرارن تي ڳالهيون نه ٿينديون ته مسئلا حل ڪيئن ٿيندا؟ گڏيل قومن سميت عالمي برادري کي ڀارت خلاف سخت موقف اختيار ڪرڻو پوندو.

سندس چوڻ هو ته ڀارت کي سمجهڻو پوندو ته ڳالهيون ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهن، ڀارت بي ايل اي جهڙين دهشتگرد تنظيمن کي سپورٽ ڪري رهيو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته هاڻي جيڪڏهن پاڪستان ۽ ڀارت ۾ جنگ لڳي ته آمريڪي صدر وٽ ان کي روڪرائڻ جي مهلت به نه هوندي.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com