بجيٽ جو ڪاٿو 3 هزار 451 ارب 87  ڪروڙ رپيا آهي: سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه

سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير بجيٽ پيش ڪئي، ٻهراڙين ۾ به ايمبولينس ۽ ميڊيڪل موبائيل يونٽس آڻڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊپٽي اسپيڪر جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس، اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران بجيٽ پيش.

وڏي وزير مراد علي شاهه پاران ايمبولينس سروس ۽ موبائيل يونٽس کي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ به شروع ڪرڻ جو اعلان

بجيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته بجيٽ جو ڪاٿو 3 هزار 451 ارب 87  ڪروڙ رپيا آهي.

تعليم، صحت ۽ عوامي ڀلائي جي شعبن لاءِ اضافي فنڊز رکيا ويا آهن، صحت لاءِ بجيٽ ۾ 326 ڏهائي 5 ارب رپيا رکيا ويا.

وڏي وزير چيو ته صحت جي بجيٽ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 8 سيڪڙو وڌيڪ آهي، لاڙڪاڻي ۾ نئين اسپتال جي تعمير لاءِ  10 ارب رپيا رکيا ويا.

گورننس کي جديد بڻائڻ ۽ معيشت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم بجيٽ ۾ شامل آهن، گريڊ هڪ کان 16 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 12 سيڪڙو واڌ ڪئي پئي وڃي.

وڏي وزير چيو ته گريڊ 17 کان 22 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 10سيڪڙو واڌ ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي وڏي وزير پينشن ۾ 8 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو .

مراد علي شاهه چيو ته ايس آءِ يو ٽي لاءِ 19 ارب رپيا رکيا ويا آهن، هلندڙ مالي سال سنڌ حڪومت 265 ارب رپين جا ترقياتي فنڊز جاري ڪيا.

تعليم لاءِ 253 ارب رپيا رکيا ويا آهن، تعليم جي بجيٽ ۾ 12.4 سيڪڙو اضافو، 523 ارب رپيا مختص

پرائمري تعليم جي بجيٽ 136 ارب مان وڌائي 156 ارب رپيا ڪئي وئي آهي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته نئين مالي سال ۾ 4 هزار 4 سئو استادن ۽ عملي کي ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، غريب ۽ هوشيار شاگردن جي مدد لاءِ 2 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

مراد علي شاهه چيو ته هلندڙ مالي سال دوران 14 سئو اسڪيمون مڪمل ڪري رهيا آهيون. ايران تي اسرائيل جي حملي جي مذمت ڪيون ٿا.

بجيٽ اجلاس جي شروعات ۾ وڏي وزير چيو ته پاڪ فوج ڀارتي اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏنو، آئون 12 ڀيرا سنڌ جي بجيٽ پيش ڪري چڪو آهيان.

هن چيو ته سنڌ جي عوام جو پيپلزپارٽي تي اعتماد جو اظهار آهي، سنڌ جي عظيم ماڻهن جي خدمت ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com