تازہ ترین

سنڌ حڪومت بجيٽ 26-2025ع ۾ مختلف کاتن لاءِ اربين رپيا رکي ڇڏيا

تعليم لاءِ 613 ارب رپيا مختص، اسڪالرشپ پروگرام لاءِ هڪ ارب 40 ڪروڙ رپيا رکيا ويا

ڪراچي (ويب ڊيڪ) سنڌ حڪومت پاران پيش ڪيل بجيٽ 26-2025ع ۾ مختلف کاتن لاءِ اربين رپيا رکيا ويا.

سنڌ بجيٽ ۾ تعليم لاءِ 613 ارب رپيا مختص، اسڪالرشپ پروگرام لاءِ هڪ ارب 40 ڪروڙ رپيا رکيا ويا.

سنڌ ايجوڪيشن فائونديشن لاءِ 13 ارب 50 ڪروڙ، اين جي وي اسڪول جي انڊوومينٽ فنڊ لاءِ 97 ڪروڙ، ڪاليج ايجوڪيشن فنڊس اسڪالر شپ لاءِ 2 ارب رپيا رکيا ويا.

ڪراچي انٽر بورڊ لاءِ سوا ارب، ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر مظفر ڳڙهه جي قيام لاءِ هڪ ارب ۽ آءِ بي اي يونيورسٽي سکر لاءِ هڪ ارب 90  ڪروڙ رپيا تجويز ڪيا ويا.

ڪراچي يونيورسٽي لاءِ ساڍا 3 ارب، سنڌ يونيورسٽي لاءِ 340 ڪروڙ، اين اِي ڊي يونيورسٽي لاءِ اڍائي ارب، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام لاءِ 2 ارب 20 ڪروڙ ۽ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ لاءِ 2 ارب 10 ڪروڙ رپيا رکيا.

ٻئي طرف سنڌ جي نئين بجيٽ ۾ سوشل ويلفيئر کاتي لاءِ 4 ارب 45 ڪروڙ ۽ زراعت کاتي لاءِ 46 ارب رپيا مختص ڪيا ويا.

ثقافت ۽ سياحت کاتي لاءِ 9 ارب 98 ڪروڙ، آرٽس ڪائونسل ڪراچي لاءِ 60 ڪروڙ، گورک هل اٿارٽي لاءِ 25 ڪروڙ ۽ سنڌ لئنگوينج اٿارٽي حيدرآباد لاءِ 15 ڪروڙ رپيا تجويز.

جڏهن ته سنڌ حڪومت نئين بجيٽ ۾ گهرو کاتي لاءِ 224 ارب تجويز ڪري ڇڏيا، سنڌ پوليس شهدا گرانٽ 3 ارب رپيا مختص ڪيا ويا.

سنڌ سيف سٽي اٿارٽي لاءِ 20 ڪروڙ ۽ پوليس جي گاڏين جي پيٽرول لاءِ 8 ارب مختص ڪيا ويا.

سنڌ پوليس جي آپريشنل گاڏين لاءِ 2 ارب ۽ سي پي ايل سي لاءِ 6 ڪروڙ 61 لک رپيا تجويز  ڪيا ويا.

راڻيپور ۾ زميني تڪرار تان جھيڙي دوران شاهاڻي برادريءَ جا 2 ڄڻا مارجي ويا

ڳوٺ قيصر خان شاھاڻي ۾ شاھاڻين ۾ جھيڙي دوران راحيل ۽ حاجي غفور شاھاڻي مارجي ويا

راڻيپور (ويب ڊيسڪ) راڻيپور ويجھو زميني تڪرار تان جھيڙي دوران 2 ڄڻا مارجي ويا.

ڳوٺ قيصر خان شاھاڻي ۾ شاھاڻي برادري جي ڌرين ۾ جھيڙي دوران راحيل شاھاڻي ۽ حاجي غفور شاھاڻي مارجي ويا.

پوليس جو چوڻ آھي ته ٻنھي ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جھيڙو ھلندڙ ھو، جوابدارن جي گرفتارين جي لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com