تازہ ترین

غزا ۾ اسرائيلي فوج جو ڪَڙو، 66 ٻارڙا غذائي کوٽ سبب موت جو کاڄ بڻجي ويا

اسرائيلي فوج پاران ٻارڙن جي کير، غذائي سپليمينٽس ۽ کاڌ خوراڪ جي شين جي فلسطيني علائقن ۾ داخلا  تي پابندي لڳل

نيويارڪ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) گڏيل قومن جي اداري يونيسيف غزه ۾ 66 ٻارڙن جي غذائي کوٽ جي ڪري موتن کي ڳڻتيءَ جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

عرب ميڊيا موجب غزه حڪومت جي ميڊيا آفيس موجب اسرائيلي فوج جي گھيراءَ سبب ٻارڙن کي کير، غذائي سپليمينٽس ۽ کاڌ خوراڪ جي شين کي فلسطيني علائقن ۾ داخلا کان روڪيو ويو آهي.

فلسطيني عملدارن جو چوڻ آهي ته اسرائيل پاران شهرين خلاف ڏڪار کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ هڪ وڏو جنگي ڏوهه آهي.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ٻارن جي خلاف ٿيندڙ ڏوهن تي عالمي برادريءَ جو خاموش رهڻ شرمناڪ آهي، هتي ٻارڙا بک ۽ بيماري جو شڪار ٿي مري رهيا آهن.

غزه حڪومت پاران وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسرائيل حملن ۾ تيزيءَ سان اضافو ڪيو آهي جنهن جي ڪري وڌيڪ 60 ماڻهو شهيد ٿيا آهن.

ٻارن جي عالمي اداري يونيسيف صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي ٻارڙن جي وڌندڙ موتن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي.

اداري طرفان جاري انگن اکرن موجب صرف مئي مهيني دوران 5 هزار 119 ٻارڙا موت جو کاڄ بڻيا، جن جون عمريون 6 مهينن کان 5 سال هيون.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com