تازہ ترین

گرائونڊ سڪائڻ لاءِ هيلي ڪاپٽرز هوندا آهن، 18 جيئرن انسانن جي لاءِ ڪو هيلي ڪاپٽر ڇونه آيو؟ اداڪارائون

دل ٽُٽي وئي، اسان ڪهڙي طرف پيا وڃون؟ هي سڀ ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ اسان تماشائي بڻيا ويٺا آهيون: ماهره خان

ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز شخصيتن سوات درياهه ۾ مدد جي منتظر ۽ بيوسيءَ جي تصوير بڻجندڙ هڪ ئي خاندان جي 18 ماڻهن جي ٻوڏ ۾ لڙهي وڃڻ واري خوفناڪ واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

سوات جي واديءَ ۾ پيش ايندڙ خوفناڪ واقعي نه رڳو پوري قوم کي سوڳوار ڪيو آهي ته اتي پاڪستاني فنڪارن کي به لوڏي ڇڏيو آهي.

پاڪستاني اداڪارا صبور علي پنهنجي انسٽاگرام گرام اسٽوريءَ تي سوال اٿاريو ته جڏهن ڪرڪيٽ گرائونڊ سڪائڻا هوندا آهن ته هيلي ڪاپٽرز اچي ويندا آهن، هنن 18 جيئرن انسانن جي لاءِ ڪا اڏام ڇو نه ڀري وئي.

اداڪارا ماهره خان ان واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي لکيو ته دل ٽُٽي وئي آهي، اسان ڪهڙي طرف وڃي رهيا آهيون؟ هي سڀ ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ اسان تماشائي بڻيا ويٺا آهيون.

زارا نور عباس به واقعي کي دل لوڏيندڙ قرار ڏيند چيو ته اسان جي رياست ڪڏهن جاڳندي؟ هي ٽئڪس ڏيندڙ شهري هئا، سير تي ويل هئا، جنازا کڻي واپس آيا آهن.

ڳائڻي علي ظفر، همايون سعيد، فيصل قريشي ۽ احسن خان سميت ٻين اداڪارن ۽ رانديگرن به سوشل ميڊيا تي ان سانحي تي دل ڏک ۽ رنج جو اظهار ڪيو.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com