پاڪستان آءِ ايم ايف جا پنجن مان 3 مالي شرط پورا نه ڪري سگهيو، شرط 7 ارب ڊالرن جي بيل آئوٽ پيڪيج جي ٻئي جائزي لاءِ رکيا ويا هئا، ذريعن موجب، صوبن جون ۾ ختم ٿيندڙ مالي سال دوران 1.2 ٽريلين جي اضافي رقم پيدا ڪرڻ واري شرط جي ڀڃڪڙي ڪئي، وفاقي حڪومت به مجموعي طور 12.3 ٽريلين روپين جي وصولين ۽ واپاري دوست اسڪيم تحت 50 ارب روپيا گڏ ڪرڻ وارا ٻه اهم شرط پورا نه ڪري سگهي، ذريعن موجب، 2.4 ٽريلين روپين جو بنيادي بجيٽ سرپلس رکڻ وارو اهم شرط پورو ڪيو ويو آهي
