
سلطانپور: 11ھزار وولٽ جي ٿنڀن تان بجلي جون تارون چوري
سلطانپور (ويب ڊيسڪ) سلطانپور ڀرسان ڪينٽ ٿاڻي جي حد ۾ 11 ھزار وولٽ جي ٿنڀن تان بجلي جون تارون چوري، چور ڳوٺ محمد علي چاچڙ مان 15 ٿنڀن تان تارون ڪٽي لاهي کڻي ويا، تارون چوري ٿيڻ بعد ڪيترن ئي علائقن کي بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي.