مٺي ۾ پراسرار بيماريءَ سبب 2 نوجوان فوت
ٿرپارڪر (ويب ڊيسڪ) مٺي ڀرسان ٻه نوجوان ڀائر پراسرار بيماري سبب فوت، ڳوٺ جوڳي ويرو واسي اشوڪ ڪمار ۽ ڌيرج ڪمار طبعيت خراب ٿيڻ بعد ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، وارثن موجب مٿي ۽ ڪنڌ ۾ سور پوڻ بعد نوجوانن جي حالت خراب ٿي وئي، کين اسپتال منتقل ڪيو ته فوت ٿي ويا.