
احمدپور: نوجوان پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو
احمدپور (ويب ڊيسڪ) احمدپور ڀرسان نوجوان پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو. ڳوٺ ڪٿي ڪلھوڙا جي رھواسي نصرالله ڪلھوڙو پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. مانجھند ڀرسان ساھڙ آباد واسي نوجوان صابو کوسو گھرو اڻبڻت تان ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو.