ڪمال ديري ٿاڻي مان فرار ٿيل جوابدار 24 ڪلاڪن بعد ٻيهر گرفتار
ڪمال ديرو (ويب ڊيس) ڪمال ديرو ٿاڻي مان فرار ٿيل جوابدار گرفتار وارو معاملو، پوليس ڪارروائي ڪندي 24 ڪلاڪن بعد جوابدار مجن ملاح کي گرفتار ڪري ورتو، گذريل ڏينهن اغوا ۽ چوري جي ڪيسن ۾ گهربل جوابدار هٿڪڙين سميت فرار ٿي ويو هو.