مشهور قوال عزيز ميان جي وڇوڙي کي 24 سال گذري ويا
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوفياڻين ڪلامن ۽ قواليءَ کي نرالي انداز ۾ ڳائي امر ڪندڙ عزيز ميان قوال کي وڇڙئي 24 ورهيه وهامي ويا، پرائيڊ آف پرفارمنس حاصل ڪندڙ عزيز ميان قوال نرالي، ڳري ۽ رعبدار آواز ۾ قوالي ڳائڻ سبب ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ شهرت ماڻي.