ڍوري ناري ڀرسان نينگر رڪشا تان ڪِري فوت
ڍورو نارو (ويب ڊيسڪ) ڍوري ناري ڀرسان نينگر رڪشا تان ڪِري فوت ٿي ويو، نينگر جو لاش اسپتال منتقل، ڳوٺ خليفو گل بيگ راڄڙ واسي نينگر فياض راڄڙ رڪشا تان ڪري زخمي ٿي پيو جيڪو اسپتال نيندي فوت ٿي ويو، نينگر جو لاش ضروري ڪارروائي بعد گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو.