
ميهڙ ڀرسان گذريل رات هٿياربندن جي حملي ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪار فوت
ميهڙ (ويب ڊيسڪ) ميهڙ ڀرسان گذريل رات هٿياربندن جي حملي ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪار فوت ٿي ويو. اڻڄاتل هٿياربندن جي حملي ۾ زخمي زاهد تنيو لاڙڪاڻو ٽراما سينٽر ۾ دم ڏئي ڇڏيو، اطلاع ملڻ تي اهلڪار جا وارث ٽراما سينٽر پهچي ويا.